سنڌ جي جان ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي خان

سنڌ جي جان ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي خان

سنڌ جي جان ڊاڪٽر اي ڪيو ڪي خان

سنڌ جي جان (ڊاڪٽر اي. ڪيو. ڪي خان) ڪتاب: مشهور تعليمي ماهر، فاضل انجنيئر ۽ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج جي اڳوڻي پرنسپال ۽ ان ڪاليج کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ڪندڙ آدرشي اُستاد عبدالقدير خان افغان، المعروف ڊاڪٽر اي. ڪيو. خان جي سوانح ۽ خدمتن تي هي ڪتاب، نامياري مصور ۽ انجنيئر خضر حيات قاضيءَ ترتيب ڏنو آهي. خضر حيات قاضي، نوابشاهه ۾ قائم سڪندر آرٽ گئلري، جي پليٽ فارم تان هر سال سندس ورسي ملهائيندو رهيو آهي، جتي ڊاڪٽر افغان جو شاگرد، همصعر ۽ عقيدتمند مقالا پڙهندا رهيا آهن. ڊاڪٽر افغان جون حيدرآباد، ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ به ورسيون ملهايو پئي ويون آهن. انهن ۾ پڙهيل پيپر، اخبارن ۾ شايع ٿيندڙ مضمون ۽ مختلف عالمن، اديبن، اُستادن کان مقالا لکرائي، ترتيب ڏئي خضر حيات قاضيءَ هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جو انتساب ڊاڪٽر افغان جي والد قادر داد خان افغان جي نالي ڪيو ويو آهي، جيڪو خود پنهنجي دور جو نامور تعليمي ماهر ۽ درسي ڪتابن جو ليکڪ هو. هي ڪتاب ٽن ڀاڱن ۾ ورڇيل آهي. پهرئين ڀاڱي ’سڄڻ سفر هليا‘ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، آغا نور محمد پٺاڻ، علي احمد بروهي، سراج، پرواني ڀٽي، امر جليل، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، پروفيسر اعجاز قريشي، مقصود گل، حميده قاضي، وحيده خضر قاضي ۽ ٻين جا مضمون ۽ مقالا شامل آهن. ڪتاب جي ڀاڱي ٻئي ’هينئڙي سڄڻ ساري‘ جو ليکڪ خضر حيات قاضي آهي. هن حصي ۾ ڊاڪٽر افغان جي جيون ڪٿا ۽ خدمتن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ڀاڱو ٽيون، منظوم ڀيٽا تي مشتمل آهي، جنهن ۾ مقصود گل، قاضي منظر حيات، وسيم سومري، منور ابڙي، امين زرداري، پريتم قاضي ۽ ٻين جو ڊاڪٽر افغان کي منظوم خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڊيمي سائيز جي 248 صفحن ۽ پڪي جلد وارو هي ڪتاب، سڪرنڊ آرٽ گئلري، نوابشاهه 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو